Features & Capabilities

پهريون ويب ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن پنهنجي نشريات جو آغاز 10 آگسٽ 2012 تي ڪيو. اسان جو مقصد دنيا جي گولي تي رهندڙ سنڌين کي هڪ لڙي ۾ پوئي هڪ شاندار قوم واري حيثيت ڏيارڻ آهي.

اسان جي اها ڪوشش هوندي ته سنڌي ثقافت ، ٻولي ، تهذيب ، ادب ، علم ، تاريخ ۽ موسقي کي فروغ ڏيون. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ مسلسل جاکوڙيندي رهي آهي ، ڌارين جي يلغار جو مقابلو ڪندي رهي آهي. ان جي گڏجي مالڪي ڪيون.

سنڌ دنيا جي خوشحال خطن ۾ شمار ٿئي ٿي. قدرتي وسيلن تيل ، گئس ، ڪوئلي . بندرگاه ، زراعت ۽ سنڌو دريا جي نعمتن سان مالا مال آهي.

سنڌ جي ڌڻين جن کي تعليم ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ هر طرف بک ، بدحالي ، مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ جو حقيقي روپ ميٺ محبت ، صوفي ازم ۽ مذهبي رواداري شديد متاثر ٿي آهي.

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اهو مشن آهي ته سنڌ جي گھگھرن سان گڏجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون. تعليم جي ميدان ۾ پنهنجون صلاحتون استعمال ڪيون. ريڊيو جي پروگرامن وسيلي سنڌواسين کي اهو احساس ڏياريون ته سنڌ جي مالڪي ڪيو. سنڌ اندر ٿيندڙ بيواجين تي گھري نظر رکو.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته ريڊِيو جي نشريات کي انتهائي معياري بنايون. ويب ٽي وي ۽ اڳتي هلي لنڊن مان سنڌي سان گڏ انگريزي ۾ مڪمل تي وي چينل شروع ڪري سگھون. ڇاڪاڻ سنڌ جو اصل روپ دنيا اڳيان آڻڻ لاءِ انٽرنيشنل سطح تي ميڊيا ۾ سنڌين جو اثرائتو آواز هجڻ ضروري آهي.

اسان جي اها به ڪوشش هوندي ته تعليم جي ميدان ۾ اسان ڪا اڳڀرائي ڪري سگھون. بند پيل اسڪول کوليون ، جيڪي ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن انهن کي تعليم جي روشني سان آراسته ڪريون.

اسان جي سنڌواسين کي اها به گذارش آهي ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي پنهنجو آواز سمجھن ۽ جتي به علم ، ادب بابت جيڪي به پروگرام ٿين ٿا. انهن کي سموري دنيا ۾ آباد سنڌين تائين پهچائڻ لاءِ نمائندگي وارو قومي ڪردار ادا ڪن.

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن سنڌواسين جو گڏيل آواز آهي. ان کي مضبوط ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ هر طرح جو سهڪار ڪريو. جڏهن سنڌ جا گھڻگھرا اسان جي رهنمائي ۽ سهڪار ڪندا ته اسان سنڌ قوم جو وڃايل وقار ۽ مان ڏيارڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسون.

هي گڏيل مشن آهي جيڪو اسان گڏجي پورو ڪري سگھنداسون.

User Growth & Download Statistics

App
By:
Chanchal Raj
Version:
1.2.2 Last updated: 2026-01-15
Version code:
876652065
Creation date:
2017-09-20
Compatible devices:
Size:
8.70MB
URLs:
Website ,Privacy policy
Full description:
See detailed description
Source:
Apple Apps Store
Data ingested on:
2026-06-06
Compare stats and ranking:

Contact the developer

Chrome-Stats does not own this Apple app. Please use these information below to contact the Apple app developer.
Developed by:
Chanchal Raj
Apple Apps Store
https://apps.apple.com/in/app/radio-voice-of-sindh-london/id1281692529
Website:
https://chanchalgeek.com/rvos/

Best Radio Voice of Sindh, London Alternatives

Here are some Apple apps that are similar to Radio Voice of Sindh, London: